پير محمد ابراهيم خليل جان سرهندي

پير محمد ابراهيم ’خليل‘ جان سرهندي: هيءُ بزرگ، محمد اسماعيل جان جو ٻيو نمبر فرزند، محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، خواجه محمد حسن جان جو ڏوهٽو هو. رمضان المبارڪ 1334هه/1915ع ۾ جنم ورتائين. ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي کان عربي، فارسي، سنڌي ۽ فقهه جي تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪـراچـيءَ ۾ انگـريـزي پـڙهـڻ لاءِ داخـل ٿيـو. نهايت ذهيـن هو، جلد ئي کيس انگريزي تعليم ترڪ ڪرائي واپس ڳوٺ آندو ويو، بعد ۾ ’طبيه ڪاليج دهليءَ‘ ۾ داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سند يافته ٿي واپس وطن ڏانهن وريو. سنڌ پهچڻ شرط ساماري شهر ۾ ’گلزار خليل‘ نالي هڪ مدرسي جو بنياد رکيائين. تعليم سان گڏ پنهنجي مسلڪ جو پرچار به جاري رکيائين. سائين جي .ايم. سيد جي ڪتاب ”جيئن ڏٺو مون“ جي جواب ۾ سطحي تنقيد تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ سونهاري“ لکيائين. هن حديث ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سندون حاصل ڪيون. شاعري به ڪيائين، شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”خليل“ هو. پير محمد ابراهيم خليل جا ڪجهه ڪتاب به تصنيف ٿيل آهن ۽ سنڌ ۾ سندس هزارين مريد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

پير محمد ابراهيم خليل جان سرهندي رمضان المبارڪ 1334هه/1915ع ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊبليو ايڇ هيولاڪ
سليمان تاجر
جارج واشنگٽن
بخت نصر
سيد قادر ڏنو شاهه
ايس آر راءُ
ترخان مرزا جاني بيگ
مير علي مراد خان ٽالپر
پير سعيد حسن
نعيمه تيجاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون